پرهه جو پيغام

پرهه جو پيغام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، نامور قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر جي تقريرن جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو 1974ع ۾ نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيو، جنهن جي قيمت پنج روپيا آهي. هن ڪتاب ۾ عبدالواحد آريسر جون مختلف سياسي ۽ ادبي ميڙن، 4 مارچ جي قومي ڏينهن ۽ سيٺارجا ۾ شاهه لطيف ڏينهن تي ڪيل تقريرون به شامل آهن. هن ڪتاب جا ڪيترا ئي ڇاپا مختلف اشاعتي ادارن پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو